جيئري هوندي سيالڪوٽ جهڙو واقعو ٻيهر ٿيڻ نه ڏيندس: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مذهب جي آڙ ۾ تشدد ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين، جيستائين جيئرو آهيان، سيالڪوٽ سانحي جهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ نه ڏيندس.

وزيراعظم عمران خان مقتول سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهري ملڪ عدنان کي تعريفي سند پيش ڪئي.

تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ عدنان جي بهادري تي اسان کي فخر آهي، اخلاقي قوت جسماني قوت کان وڌيڪ هوندي آهي.

هن چيو ته جنهن به هاڻ دين کي استعمال ڪيو ۽ پاڻ سڳورن صه جي نالي تي ظلم ڪيو، اسان ان کي نه ڇڏينداسين، ان واقعي تي سڄي پاڪستان فيصلو ڪيو آهي ته اڳتي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڻ کي سچو عاشق ثابت ڪرڻ لاءِ نبي سائين جن جي سيرت تي هلڻو پوندو.

سندس چوڻ هو اهو ڪهڙو انصاف آهي ته توهان الزام هڻي پاڻ ئي جج بڻجي وڃو ۽ قتل ڪري ڇڏيو، اميد ته نوجوان ملڪ عدنان کي ڏسندا ته ياد ڪندا، هڪ انسان حيوانن سامهون بيٺو هو.

وزيراعظم چيو ته سيالڪوٽ جي بزنس ڪميونٽي فيصلو ڪيو آهي ته پريانٿا جي پگهار هر مهيني ڏني ويندي، جڏهن ته بزنس ڪميونٽي پريانٿا لاءِ هڪ لک ڊالر گڏ ڪيا آهن.

وزيراعظم عمران خان، عدنان ملڪ کي سڄي ملڪ طرفان ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته ملڪ عدنان کي 23 مارچ جي تقريب ۾ تمغه شجاعت ڏنو ويندو.

Read Previous

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي مٽياري ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي

Read Next

”راڻا شميم جو اصل حلفي بيان سومر تائين نه آيو ته فرد جرم لاڳو ڪنداسين“

Most Popular