عالمي سطح تي هٿيارن جي وڪري ۾ ملسلس واڌ، آمريڪا سڀ کان وڏو واپاري

وبائي مرض ڪورونا ۽ ان جي معاشي نتيجن باوجود عالمي هٿيار ساز صنعت پنهنجي هٿيارن جي وڪري ۾ واڌ جاري رکي آهي.

اسٽاڪ هوم پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (سپري) جي هڪ نئين رپورٽ موجب دنيا جي مشهور 100 هٿيار ساز ڪمپنين 2020 ۾ 531 بلين ڊالر ماليت جا ڳرا هٿيار وڪرو ڪيا آهن.

هٿيارن جي عالمي منڊي جو سڀ کان وڏو واپاري آمريڪا آهي، آمريڪي ڪمپنين 285 بلين ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪيا، جڏهن ته چيني ڪمپنيون ٻئي نمبر تي رهيون.

Read Previous

ڪي ايم سي عملي طرفان گهر ڊاهڻ جي آڙ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

Read Next

همراهه ڪارنهن تهمت مڙهي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular