همراهه ڪارنهن تهمت مڙهي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيو

پنجاب جي شهر رحيم يار خان ۾ غيرت جي نالي تي 4 عورتن کي قتل ڪرڻ جو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي.

رحيم يار خان ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ 4 عورتن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ هڪ عورت زخمي پڻ ٿي.

پوليس موجب مڙس پنهنجي گهرواري ۽ ٽن ڌيئرن کي غيرت جي نالي تي ماري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ زخمي عورت کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون اتي پهچي ويون، جن مارجي ويلن عورتن جا لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ٽسمابا ٿاڻي جي حدن ۾ مبارڪ روڊ تي پيش آيو، واقعي ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

عالمي سطح تي هٿيارن جي وڪري ۾ ملسلس واڌ، آمريڪا سڀ کان وڏو واپاري

Read Next

سيالڪوٽ واقعو: سنٿ جئي سوريا کي عمران خان مان اميدون

Most Popular