سيالڪوٽ سانحي جي جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا

سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا.

پوليس موجب پريانٿا جي نائب طور ڪم ڪندڙ وحيد به جهيڙي وقت موجود هو ۽ هن فيڪٽري مالڪ شهباز ڀٽي سان گڏجي صورتحال سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس جي جاچ موجب ماڻهن جي ڪاوڙ کي ڏسي وحيد ئي پريانٿا کي ڇت تي وٺي ويو، هو پريانٿا کي دَر لاڪ ڪرڻ جو چئي تڪڙ ۾ هيٺ هليو ويو پر بدقسمتي سان ڇِت ڏانهن دَر کي ڪَڙو نه هو.

پوليس ٻڌايو آهي ته وحيد عورت ورڪرز کي فيڪٽري مان ڪڍي عمارت جي ڀر واري حصي ۾ منتقل ڪيو، جنهن سبب اهي محفوظ رهيون.

پوليس فيڪٽري مان ورتل 10 ڊي وي آر ۽ بائيو ميٽرڪ مشينون فرانزڪ ليب موڪلي ڇڏيون آهن، جن جي رپورٽ اچڻ تي ويڊيوز ۽ بائيو ميٽرڪ حاضري کي شاهديون بڻايو ويندو.

Read Previous

سنڌ ۾ گهٽ کان گهٽ اجورو 25 هزار مقرر ڪرڻ خلاف منع نامو جاري

Read Next

صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ عوامي اڳواڻ ايم پ محمد اسلم ابڙو جو ڳوٺ ڄام خان کوسو پهچڻ تي کوسا برادري پاران شاندار استقبال ڪيو وي

Most Popular