سنڌ ۾ گهٽ کان گهٽ اجورو 25 هزار مقرر ڪرڻ خلاف منع نامو جاري

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجورو 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ خلاف منع نامي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجورو 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت عظميٰ منع نامي جو حڪم جاري ڪندي اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل گهٽ کان گهٽ اجورو مقرر ڪرڻ جي طريقي ڪار تي مدد ڪن، سنڌ ڪابينا 25 جون تي گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار رپيا مقرر ڪئي، نجي صنعت جي وڪيل جو موقف آهي ته سنڌ جو طريقي ڪار آئين جي ابتڙ آهي.

سپريم ڪورٽ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي 3 رڪني بئنچ سامهون مقرر ڪئي وڃي، جيڪڏهن عدالت حتمي فيصلي ۾ منع نامو واپس ورتو ته سموري پگهار درخواستگذار ادا ڪندا.

نجي صنعت جي وڪيل چيو ته سنڌ ويج بورڊ گهٽ کان گهٽ پگهار 19 هزار مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، وڏي وزير سفارش جي ابتڙ 25 هزار اجورو مقرر ڪري ڇڏيو، قانون موجب وڏي وزير وٽ پاڻ اجرت وڌائڻ جو اختيار ناهي، ٻين صوبن ۾ اجورو 20 هزار، سنڌ ۾ 25 هزار آهي، سنڌ جي انڊسٽري لاءِ 25 هزار ڏيڻ ممڪن ناهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته صوبائي خود مختياري جي ڳالهه به ته ڪئي ويندي آهي، گڏوگڏ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري 2022 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به گهٽ کان گهٽ 25 هزار رپيا اجوري جو فيصلو برقرار رکيو هو، جنهن خلاف نجي صنعت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.

Read Previous

”شوڪت عزيز صديقي فوج خلاف تقرير ڪري ها ته خبر پئجي وڃي ها ان جو ڪيترو زور آهي“

Read Next

سيالڪوٽ سانحي جي جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا

Most Popular