شهباز شريف جو آصف زرداري جي بيان تي افسوس جو اظهار

ن ليگ صدر شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ شهباز شريف چيو ته زرداري صاحب جو نواز شريف بابت بيان افسوسناڪ آهي، ميان صاحب جي پاڪستان سان نه ڊهندڙ وابستگي سدائين رد نه ڪرڻ جهڙي رهي.

سندس موجب توهان ڄاڻو ٿا ته نواز شريف کي ڪهڙين حالتن ۾ ٻاهر وڃڻو پيو، اسان کي اهڙن ريمارڪس کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڀني کي گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته لاهور جي تڪ اين اي 133 ۾ ن ليگ اميدوار شائستا پرويز ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ پ پ ٻئي نمبر تي رهي هئي.

ان حوالي سان آصف زرداري چيو هو ته ميان صاحب اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ تڪ ننڍا ڪيا، نه ته اهو وڏو تڪ هو، اتان بي بي به کٽي هئي، اسان وري اقتدار ۾ اچي تڪ وڏا ڪنداسين.

Read Previous

اسڪول جي پرنسپال ۽ استادن جي شاگردياڻين سان اجتماعي لڄالٽ

Read Next

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ موڪلن جو اعلان

Most Popular