اسڪول جي پرنسپال ۽ استادن جي شاگردياڻين سان اجتماعي لڄالٽ

ڀارت جي هڪ اسڪول ۾ پرنسپال ۽ استادن طرفان شاگردياڻين سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعو سامهون آيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب راجسٿان ۾ پيش آيل ان واقعي ۾ 9 استادن ۽ پرنسپال کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن تي 4 شاگردياڻين کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ جو الزام آهي.

ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته واقعي جو انڪشاف ان وقت ٿيو، جڏهن ڌيءَ جي اسڪول نه وڃڻ تي پيءَ کانئس سبب پڇيو، جنهن تي ميٽرڪ جي شاگردياڻي ٻڌايو ته کيس اسڪول جي پرنسپال ۽ استادن اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻن ماسترياڻين ان واقعي جي ويڊيو به ڀري.

پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جاچ سان خبر پئي ته جوابدارن وڌيڪ ٽن شاگردياڻين سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي، جن ۾ ٽئين، چوٿين ۽ ڇهين درجي جون شاگردياڻيون شامل آهن، جن جاچ دوران پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرايو.

پوليس موجب شاگردياڻين جو چوڻ هو ته واقعي کانپوءِ کين چُپ رهڻ جو چيو ويو ۽ ٻڌائڻ جي صورت ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

Read Previous

ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ ڪراچي پهچي وئي

Read Next

شهباز شريف جو آصف زرداري جي بيان تي افسوس جو اظهار

Most Popular