ن ليگ طرفان گرين لائن جو علامتي افتتاح، رينجرز پهچي وئي، احسن اقبال ڌڪي

ڪراچي ۾ ن ليگ گرين لائن بس منصوبي جو علامتي افتتاح ڪري ڇڏيو.

ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي قيادت ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ناظم آباد ۾ تقريب لاءِ گڏ ٿيا.

ان موقعي تي رينجرز اهلڪارن کين گرين لائن جي پيڊسٽرين پُل تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن سبب بدنظمي ٿي.

پوءِ احسن اقبال چيو ته مون کي ڏنڊو لڳڻ سبب هٿ ۾ ڌڪ لڳو، جڏهن ته ڪراچي جي عوام طرفان منصوبو مڪمل ٿيڻ تي نواز شريف جا ٿورا مڃون ٿا.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ گرين لائن بس منصوبي جو بنياد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف رکيو هو، جنهن جي آزمائشي سروس جو افتتاح وزيراعظم عمران خان 10 ڊسمبر تي ڪراچي اچي ڪندو.

Read Previous

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ موڪلن جو اعلان

Read Next

اومي ڪرون پاڪستان به پهچي ويو، ڪراچي ۾ پهريون شڪي ڪيس رپورٽ

Most Popular