اومي ڪرون پاڪستان به پهچي ويو، ڪراچي ۾ پهريون شڪي ڪيس رپورٽ

سڄي دنيا کي پريشان ڪندڙ ڪورونا وائرس جو نئون ايرينٽ اومي ڪرون مبينا طور پاڪستان به پهچي ويو.

سنڌ جي صحت کاتي موجب اومي ڪرون جو ڪيس ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ رپورٽ ٿيو، متاثر عورت جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ کيس نجي اسپتال کان گهر منتقل ڪيو ويو آهي.

صحت اختيارين ٻڌايو ته متاثر عورت جي ٽريول هسٽري معلوم ڪئي پئي وڃي، عورت جي ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ جي ڪوشش به ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

ن ليگ طرفان گرين لائن جو علامتي افتتاح، رينجرز پهچي وئي، احسن اقبال ڌڪي

Read Next

انگور جو ٻج عمر وڌائي ٿو

Most Popular