اي پي ايس سانحو: حڪومت رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ 3 هفتن جي مهلت گھري ورتي

جسٽس منيب اختر

وفاقي حڪومت آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) حملي جي ڪيس جي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان 3 هفتن جي مهلت گھري ورتي.

عدالت جي گذريل حڪمن موجب حڪومت کي اڄ 10 ڊسمبر تائين وزيراعظم عمران خان جي صحيح ٿيل رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل ساجد الياس ڀٽي عدالت ۾ 3 صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عدالت جي حڪمن موجب وزيراعظم اي پي ايس سانحي ۾ مارجي ويل شاگردن جي وارثن سان ملڻ ۽ انهن جا مطالبا ٻڌڻ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ڄاڻايل ڪميٽي ۾ انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري، وفاقي وزير اسد عمر، ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ رياست ۽ سرحدي علائقن بابت وفاقي وزير صاحبزاده محمد محبوب سلطان شامل آهن.

اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد يا ان جو نامزد ڪيل فرد ۽ بچاءَ واري ۽ گھرو وزارت جا ايڊيشنل سيڪريٽريز ڪميٽي جي اجلاسن ۾ خصوصي شرڪت ڪندا.

10 نومبر تي ٿيل ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ قائم 3 رڪني بينچ حڪم ڏنو هو ته حڪومت، متاثر والدين جي ڳالهه ٻڌي ۽ 4 هفتن جي اندر وزيراعظم جي صحيح ٿيل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.

سپريم ڪورٽ رولز جي رول 6 آرڊر 33 تحت داخل ڪيل حڪومتي درخواست ۾ والدين سان گڏ ڪابينا جي ڪميٽي جي ملاقاتن جي نتيجن کي رپورٽ ۾ شامل ڪرڻ جي به اجازت گھري وئي آهي.

پنهنجي گذريل حڪم ۾ عدالت جو چوڻ ه وته وزيراعظم عمران خان عدالت جي سامهون بيان ڏنو هو ته حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ والدين کي انصاف جي فراهمي ۽ واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

حڪم نامي ۾ اهو به چيو ويو هو ته اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت ان قتل عام جي ذميوارن ۽ ان حوالي سان ڪوتاهي ڪندڙن سان ضرور منهن ڏيندي.

Read Previous

فيصل واوڊا جي اپيل رد، نااهلي ڪيس جو فيصلو ٻن مهينن ۾ ڏيڻ جو حڪم برقرار

Read Next

وزيراعظم ڪراچي ۾ ”بي آر ٽي ايس“ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Most Popular