وزيراعظم ڪراچي ۾ ”بي آر ٽي ايس“ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

عمران خان

وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ گرين بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم (بي آر ٽي ايس) منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي جي ڏينهن ڪراچي ۾ گرين لائن ريپڊ منصوبي جو افتتاح ڪندي چيو ته ڪو به جديد شهر جديد ٽرانسپورٽ کانسواءِ نٿو هلي سگھي ۽ جيڪڏهن اوهان چين جا جديد شهر ڏسو ته اهي شهر گھڻي آبادي جي باوجود ان ڪري ڪاميابي سان هلي رهيا آهن ڇو جو اتي جديد ٽرانسپورٽ جو نظام آهي.

عمران خان چيو ته ڪراچي پاڪستان جي ترقي جي انجڻ آهي، ڪراچي جڏهن خوشحال ٿيندو آهي ته پاڪستان خوشحال ٿيندو آهي، هر ملڪ جو هڪ اهڙو شهر هوندو آهي جيڪو سڄي ملڪ کي هلائيندو آهي جيئن لنڊن برطانيا کي هلائيندو آهي، لنڊن ۾ خوشحالي ايندي آهي ته سڄي برطانيا تي اثر پوندا آهن جڏهن ته نيويارڪ آمريڪا تي وڏا اثر وجهندو آهي، اهڙيءَ طرح پيرس جا فرانس تي به اثر پوندا آهن.

هن چيو ته ڪراچي کي فنڪشنل ۽ ڪامياب ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهيون، ٽرانسپورٽ نظام ڪنهن به شهر کي جديد بڻائڻ ۾ پهريون قدم هوندو آهي ۽ ايتريون حڪومتون اچڻ باوجود سڀ کان وڌيڪ ريونيو ڏيندڙ شهر جي ٽرانسپورٽ جي نظام تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ۽ گرين لائن ان سلسلي ۾ پهريون قدم اهي.

سندس چوڻ هو ته آئون 50 ورهين کان ڪراچي کي ڏسي رهيو آهي، اسان ان شهر کي تبديل ٿيندي ڏٺو آهي، اهو روشنين جو شهر هوندو هو پر اسان هوريان هوريان ان شهر کي کنڊر بڻجندي ڏٺو ڇو ته ڪراچي جي مئنيجمينٽ سسٽم تي ڪڏهن به زور نه ڏنو ويو.

هن چيو ته ايران تي عالمي پابندين باوجود تهران هڪ جديد شهر نظر ايندو آهي ڇو ته ان شهر جي مئنيجمينٽ جديد آهي، ان جي اها ئي مئنيجمينٽ آهي جيڪا لنڊن، پيرس يا نيويارڪ جي آهي، انهن شهرن جي مئنيجمينٽ هڪ ملڪ جيان آهي جيڪا پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ سيوريج جي نظام سميت شهر کي سڀئي سهولتون پاڻ فراهم ڪري ٿي، پيسو به پاڻ گڏ ڪري ٿي، خرچ به پاڻ ڪري ٿي.

Read Previous

اي پي ايس سانحو: حڪومت رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ 3 هفتن جي مهلت گھري ورتي

Read Next

شوڪت ترين پيٽرول اگھه گھٽائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular