آمريڪا ۾ طوفاني واچوڙن جي تباهي، 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جو خدشو

آمريڪا ۾ طوفاني واچوڙن تباهي مچائي ڇڏي، 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪينٽڪي رياست ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن.

پرڏيهي ميڊيا مطابق طاقتور طوفان جي واچوڙن امريڪا جي 6 رياستن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا.

آمريڪا ۾ طوفان جي واچوڙن کي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي طوفانن ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ماحولياتي تحفظ واري اداري کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اندازو لڳائي ته طوفان کي هوائون ڏيڻ ۾ موسمياتي تبديلين جو ڪهڙو ڪرادار آهي، گڏو گڏ هن واچوڙن جي وارننگ ڏيندڙ نظام تي به سوال اٿاري ڇڏيا.

امريڪي صدر جوبائيڊن ڪينٽڪي رياست ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

Read Previous

عورت سان بدتميزي، عاطف اسلم ڪنسرٽ اڌ ۾ ڇڏي ويو

Read Next

نوشهروفيروز: خوراڪ کاتي جي ملازمن جو ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا تي عمل ۽ پڙھيل چوڪيدارن کي سينارٽي موجب پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاج

Most Popular