نوشهروفيروز: خوراڪ کاتي جي ملازمن جو ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا تي عمل ۽ پڙھيل چوڪيدارن کي سينارٽي موجب پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر)
خوراڪ کاتي جي ملازمن جو ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا تي عمل ۽ پڙھيل چوڪيدارن کي سينارٽي موجب پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاج، فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن پاران مطالبا تسليم نه ٿيڻ خلاف، ڊي ايف سي آفيس کان پریس ڪلب تائین ریلي احتجاجي ڪيمپ قائم، ان موقعي تي فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي صدر جاويد يونس راڄپر، محمد گوپانگ، گل محمد کلھوژو، راڻو هاليپوٽو، رفیق راڄپر، محمد دائود ڪاڪيپوٽو، ۽ ٻين چيو ته فوڊ کاتي اندر انڌير نگري چرٻٽ راجا جو قانون هلي رهيو آهي هڪ پاسي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن جا پروموشن ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي مختلف سينٽرن تي رکيو ويو آھي پر افسوس جو کاتي اندر 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيندڙ پڙهيل لکيل ڪواليفائيڊ چوڪيدارن، پٽيوالن، ڊرائيورن سميت ننڍن ملازمن کي پروموشن به نه پيا ڏنا وڃن نه ئي وري وزيراعلي سنڌ جي ليٽر جي باوجود به سيڪريٽري فوڊ ۽ سيڪريٽري فنانس ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاء تيار آهن جيڪا ننڍن ملازمن سان ناانصافي جي انتها آهي جڏهن ته آفيسرن خوراڪ کاتي کي پنهنجي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي جيڪي فوتي ڪوٽا تي به عمل ڪرڻ لاء تيار نه آهن ۽ نه وري وردی الائونس ۽ گروپ انشورنس بلن تي رشوت جي بغير صحيح ڪرڻ لاء تيار نه آهن جنهن سبب ڪيترن ئي فوتي ملازمن جا خاندان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن۔ هنن چيو ته نواز دور جي برطرف آفيسرن کي بحال ڪيو ويو آهي پر ننڍن ملازمن کي بحال نه ڪيو ويو آهي آفيسرن جا پروموشن ڪيا ویا آھن پر ننڍن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل نه ٿو ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف احتجاجي ڪيمپ تي آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز فيڊريشن جي نويد احمد تڳر ۽ ايس يو پي اڳواڻ مهر علي وسطڙو اچي ملازمن جي حقن لاء ٿيندڙ احتجاج جو ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته اسان هر احتجاج ۾ اوهان سان گڏ هونداسين

Read Previous

آمريڪا ۾ طوفاني واچوڙن جي تباهي، 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جو خدشو

Read Next

سستي گئس جا عادي ماڻهو عادتون مَٽائن، ڪجهه سالن ۾ گئس نه رهندي: فواد چوڌري

Most Popular