ٻي ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جي ويسٽ انڊيز خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ

پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٽيم ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي.

هن چيو ته ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکڻ چاهيون ٿا، اڄ به بهتر راند جو مظاهرو ڪنداسين.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 63 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي هئي

Read Previous

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

Read Next

شهباز شريف تبديلي تي ڏمرجي پيو

Most Popular