پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.

ذريعن موجب 16 ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ في ليٽر پيٽرول 11 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 9 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي.

ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽيا آهن ۽ حڪومت ٽيڪس سطح گهٽ يا وڌ ڪرڻ کانپوءِ حتمي طور قيمتون مقرر ڪندي.

Read Previous

سستي گئس جا عادي ماڻهو عادتون مَٽائن، ڪجهه سالن ۾ گئس نه رهندي: فواد چوڌري

Read Next

ٻي ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جي ويسٽ انڊيز خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ

Most Popular