برطرف ملازم بحال ٿيندا يا نه؟ فيصلو سڀاڻي ٿيندو

جسٽس منيب اختر

وفاقي حڪومت برطرف ملازمن جي بحالي جون تجويزون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، جنهن تي عدالت عظميٰ سڀاڻي اهم ترين فيصلو ٻڌائيندي.

سپريم ڪورٽ ۾ برطرف ملازمن جي بحالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ اٽارني جنرل حڪومت طرفان ملازمن جي بحالي جون تجويزون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون.

اٽارني جنرل عدالت عظميٰ کي آگاهه ڪيو ته وزيراعظم سان مشاورت ڪري تجويزون عدالت کي ڏئي رهيو آهيان.

سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حڪومتي تجويزن ۾ چيو ويو ته گريڊ هڪ کان 7 تائين ملازمن کي بحال ڪيو ويندو، جڏهن ته گريڊ 8 کان 17 تائين ملازمن جي ٽن مهينن ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽ پاس ڪندڙن کي مستقل ڪيو ويندو، گڏوگڏ پارليامينٽ کي اختيار آهي ته فيصلي کي غير اثرائتو ڪري سگهي ٿي.

حڪومتي تجويز هئي ته ملازمن جي ماضي جي سروس ايڊهاڪ تصور ٿيندي، رٽائرڊ يا لاڏاڻو ڪري ويندڙ ملازمن جا معاملا ماضي جو حصو تصور ٿيندا، ملازمت دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ ملازمن جا وارث پينشن جا حقدار نه هوندا.

عدالت عظميٰ ۾ پيش ڪيل حڪومتي تجويزن ۾ چيو ويو ته جيڪي ملازم بحالي تي پينشن وٺي رهيا هئا، انهن کي وڌيڪ پينشن نه ملندي، جڏهن ته ملازمن کي جيڪا رقم ڏني وئي، اها ريڪور نه ڪئي ويندي.

ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته حڪومت جي تجويزن تي غور ڪنداسين، ڏٺو ويندو ته تجويزن سان عدالتي فيصلو متاثر ته نه ٿيندو.

Read Previous

آمريڪي پابنديون، چين جو سخت موقف سامهون اچي ويو

Read Next

”ڀنگ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج، مختلف ملڪن ۾ دوا طور استعمال ٿيندي آهي“

Most Popular