آمريڪي پابنديون، چين جو سخت موقف سامهون اچي ويو

چين، آمريڪا کان لاڳو پابندين جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏوگڏ ڌمڪي به ڏئي ڇڏي.

چين چيو آهي ته آمريڪا انساني حقن جي مبينا ڀڃڪڙين جي آڙ چيني شهرين ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو پنهنجو فيصلو واپس وٺي.

گڏوگڏ چين وارننگ ڏني آهي ته آمريڪا جي انڌاڌند پابندين جو جواب ڏنو ويندو.

واضح رهي ته آمريڪا جمعي ڏينهن ڪيترن ئي چيني شهرين ۽ ڪمپنين تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪا جي انهن قدمن تي تنقيد ڪندي انهن کي ڪِريل ڪارروائي قرار ڏنو.

Read Previous

پشاور زلمي ڪامران اڪمل کي پرچائي ورتو، پي ايس ايل کيڏندو

Read Next

برطرف ملازم بحال ٿيندا يا نه؟ فيصلو سڀاڻي ٿيندو

Most Popular