دل جي ڌڙڪي ۾ بي ترتيبي دماغي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي

Human Heart Anatomy Illustration. 3D render

هڪ مطالعي مان خبر  پئي آهي ته 60 سال يا ان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ جيڪڏهن دل جي رفتار معمول کان تيز رهي ٿي ته ان سان دماغي صحت متاثر ٿي سگھي ٿي ۽ ڊيمنشيا جا خطرا وڌي وڃن ٿا.

سويڊن ۾ موجود ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهرن موجب ان کان اڳ وچولي عمر جي ماڻهن ۾ تيز ڌڙڪي ۽ دماغ وچ ۾ واسطي تي وڏي تحقيق ٿي چڪي آهي پر 60 ورهين کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن تي اهو پهريون مطالعو آهي پر ٻنهي مطالعن ۾ اها ڳالهه طئي آهي ته دل جي ڌڙڪي ۾ اضافو پاڻمرادو دل جي مرضن کي ظاهر ڪري ٿو.

جرنل آف الزائيمر ۾ ڇپيل ان رپورٽ ۾ لاڳيتو 12 ورهين تائين 2147 ماڻهن جو جائزو ورتو ويو جن جي سراسري طور عمر 70 ورهيه هئي ۽ 62 سيڪڙو عورتون شامل هيون.

سائنسدانن موجب دل جي ڌڙڪي کي معمول تي رکي دماغي صحت کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو.

Read Previous

”ڀنگ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج، مختلف ملڪن ۾ دوا طور استعمال ٿيندي آهي“

Read Next

يونيورسٽي ڪانووڪيشن ۾ عورت پروفيسر جو شهباز گل کان ڊگري وٺڻ کان انڪار

Most Popular