يونيورسٽي ڪانووڪيشن ۾ عورت پروفيسر جو شهباز گل کان ڊگري وٺڻ کان انڪار

لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ عورت پروفيسر وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل کان ڊگري وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ سمن آباد ڪاليج جي عورت پروفيسر جو نالو کنيو ويو پر هوءَ اسٽيج تي نه وئي.

ان حوالي سان شهباز گل کان صحافي سوال ڪيو ته عورت پروفيسر ٽوئيٽ ذريعي توهان کان ڊگري وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي؟ جنهن تي هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت آهي ۽ هر ڪنهن کي اهو حق حاصل آهي.

هوڏانهن ڪاليج جي پرنسپال جو چوڻ هو ته عورت پروفيسر جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو، هن اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي.

Read Previous

دل جي ڌڙڪي ۾ بي ترتيبي دماغي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي

Read Next

وجيهه الدين جي عمران خان بابت بيان تي جهانگير ترين جو ردعمل به اچي ويو

Most Popular