بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ عالمي حڪمراني وڃائي ويٺو

Cricket – Second T20 International – England v Pakistan – Emirates Old Trafford, Manchester, Britain – August 30, 2020 Pakistan’s Babar Azam reacts after losing his wicket Lindsey Parnaby/Pool via REUTERS

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم خراب ڪارڪردگي کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پهرين پوزيشن کان محروم ٿي ويو.

آءِ سي سي جي نئين جاري ڪيل رينڪنگ ۾ بابر اعظم ٻه درجا پوئتي ٿيندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.

بيٽسمينن ۾ فهرست ۾ انگلينڊ جو ڊيوڊ ملان پهرئين، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جو ايڊن مارڪرم ٻئي نمبر تي پهچي ويو آهي.

ان فهرست ۾ پاڪستان جو محمد رضوان چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته حيدر علي 88 درجا ترقي ماڻيندي 98هين نمبر تي اچي ويو آهي.

بالرن ۾ پاڪستان جو شاداب خان 5 درجا ترقي ڪندي نائين نمبر تي پهتو آهي.

هوڏانهن ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو فاسٽ بالر شاهين آفريدي 3 درجا ترقي ڪندي ٽئين نمبر تي آيو آهي، جڏهن ته حسن علي ڏهين پوزيشن تي موجود آهي.

Read Previous

منهنجي ڪيس جي غلط رپورٽنگ ڪئي وئي: ميشا شفيع

Read Next

”انسانن جي تفريح لاءِ جانورن کي قيد نٿو رکي سگهجي“

Most Popular