”انسانن جي تفريح لاءِ جانورن کي قيد نٿو رکي سگهجي“

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ جي راڻي باغن جي ترقياتي حيثيت تي سوال اٿاري ڇڏيا.

عدالت ناياب بازن جي ايڪسپورٽ جي خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت فالڪنز ايڪسپورٽ روڪڻ واري حڪم ۾ جنوري جي ٻئي هفتي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته راڻي باغ آهن ئي غير قانوني ته انهن ۾ رکڻ لاءِ جانور ڪيئن ٿا گهرائي سگهجن؟ جانور پڃرن ۾ بند رکڻ لاءِ ناهن هوندا، انسانن جي تفريح جي لاءِ جانورن کي درآمد ڪري قيد ۾نٿو رکي سگهجي.

چيف جسٽس چيو ته عدالت راڻي باغن بابت اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، جيڪو عالمي سطح تي حوالو بڻجي چڪو آهي، نيو يارڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي مددگار اسان جي فيصلي جو حوالي ڏئي رهيا آهن، موسمياتي تبديلي واري وزارت ايندڙ ٻڌڻي تي جواب ڏئي ته ان فيصلي بعد راڻي باغن جي قانوني حيثيت ڇا آهي.

موسمياتي تبديلي واري وزارت جي نمائندن جواب ڏنو ته عدالتي فيصلي بعد راڻي باغ موجود رهڻ جي ڪا گنجائش ناهي.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ عالمي حڪمراني وڃائي ويٺو

Read Next

حڪومت جو اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

Most Popular