پاڪستان ۾ امير مٿي ۽ غريب ويتر هيٺ ٿي رهيو آهي: وزيراعظم

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان رڳو گلگت بلتستان جي سياحت مان ئي 40 ارب ڊالرز ڪمائي سگهون ٿا، اهو وقت به ايندو جڏهن ماڻهو هتي روزگار ڳولڻ جي لاءِ ايندا.

اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ غربت گهٽ ڪرڻ اسان جو مشن آهي، پٺ تي پيل علائقن ۾ ترقي آڻڻي آهي، سڄي گلگت ۾ هڪ ڪٽنب وٽ 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس هوندي.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت اچڻ بعد يو اين ڊي پي جي رپورٽ تحت تيزي سان غربت ختم ٿي، جيستائين غريب مٿي نٿو  اچي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير امير ۽ غريب ويتر غريب ٿي رهيوآهي، اها معاشي ناانصافي آهي.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان دنيا جي جابلو علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت آهي، سياحت جو اثاثو بڻجي سگهي ٿو، جتان جي ماڻهن کي ڪٿي به نه وڃڻو پوندو، ماڻهو نوڪرين جي لاءِ هتي ايندا.

وزير اعظم چيو ته ماڻهو پنهنجي زمينن جو خيال رکن، ٻاهر کان ماڻهو هتي اچي زمينون مهانگي اگهه تي خريد ڪندا، اسڪردو ايئرپورٽ ذريعي ٻاهرين ملڪن کان ماڻهو هتي گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ ايندا، سوئٽرز لينڊ 70 ارب ڊالر ڪمائي سگهي ٿو ته اسان ڇو نٿا ڪمائي سگهون،  اسان رڳو گلگلت بلتستان جي سياحت مان 30 کان 40 ارب ڊالرز ڪمائي سگهون ٿا.

Read Previous

حڪومت جو اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

Read Next

حڪومت جو جسٽس (ر) وجيهه الدين خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

Most Popular