شهزاد اڪبر جي شهباز شريف تي ڇِتي تنقيد

وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر هڪ ڀيرو وري مسلم ليگ ن جي اعليٰ قيادت کي مني لانڊرنگ ڪيس جي معاملي تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس جو چالان عدالت ۾ داخل ڪرايو آهي، چالان ۾ گھڻيون شيون حيران ڪندڙ آهن، چالان موجب شهباز شريف رڳو مني لانڊرنگ ۾ ملوث نه پر گروهه جو اڳواڻ آهي.

هن چيو ته سليمان شهباز ان ڪيس ۾ مفرور آهي جڏهن ته چالان ۾ ماسٽر پلاننگ جو مثال به شامل ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ايف آءِ اي جي جاچ موجب 28 اڪائونٽس مان 17 هزار ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون، انهن ٽرانزيڪشنز جو واسطو کنڊ جي ڪاروبار سان نه آهي، شريف خاندان ايف آءِ اي سان جاچ دوران ڪو به سهڪار نه ڪيو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف بابت پڇيل سوال تي شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته نواز شريف علاج جي غرض سان ويو پر هن علاج نه ڪرايو، کيس ڪورونا سبب ويزا ۾ هڪ واڌ ملي.

وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته نواز شريف پاڪستان ۾ اشتهاري آهي کيس پاسپورٽ نٿا ڏئي سگھون، هن ويزا ۾ وڌيڪ واڌ نه ملڻ تي اپيل داخل ڪرائي آهي، جيڪڏهن واڌ نه ملي ته کيس برطانيا ڇڏڻو پوندو.

Read Previous

برطرفي خلاف نظرثاني اپلون خارج، 16 هزار سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم

Read Next

خواجا آصف خلاف ساک کي نقصان رسائڻ جو ڪيس، وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش

Most Popular