برطرفي خلاف نظرثاني اپلون خارج، 16 هزار سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ 16 هزار ملازمن جي برطرفي خلاف نظرثاني اپيلون خارج ڪندي ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي خلاف داخل ڪيل اپيلن تي گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ داخل ڪيل نظرثاني اپيلون رد ڪري ڇڏيون، جسٽس منصور علي شاهه اڪثيريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو.

سپريم ڪورٽ جي جج عمر عطا بنديال فيصلو پڙهي ٻڌايو جڏهن ته عدالت جو چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن جي برطرفي جي خلاف نظرثاني اپيلون خارج ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 1996ع کان 1999ع تائين برطرف ٿيل سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر مس ڪنڊڪٽ ۽ ڪرپشن تي ڪڍيل ملازمن بحال نه ٿيندا، انهن ملازمن کي بحال ڪيو وڃي جن لاءِ ٽيسٽ يا انٽرويو ضروري نه هئا، گريڊ 8 کان 16 تائين جي جن ملازمن لاءِ ٽيسٽ، انٽرويو گھربل هئا اهي هاڻ ڏيندا.

عدالت وڏو انساني الميو ٿيڻ کان بچائي ورتو: سرڪاري ملازمن جو وڪيل

فيصلي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سرڪاري ملازمن جي وڪيل عدالتي فيصلي کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته معزز عدالت سرڪاري ملازمن کي ان تاريخ کان بحال ڪرڻ جو چيو جنهن کان کين برطرف ڪيو ويو هو.

سرڪاري ملازمن جي وڪيل جو اهو به چوڻ هو ته معزز عدالت 16 هزار ملازمن کي بحال ڪري هڪ وڏو انساني الميو ٿيڻ کان بچائي ورتو، اها انهن سڀني ماڻهن جي ڪاميابي آهي جن هن ڏکي وقت ۾ صبر ۽ همٿ کان ڪم ورتو.

سپريم ڪورٽ جو لکت فيصلو

سپريم ڪورٽ برطرف سرڪاري ملازمن جي ڪيس جي لکت فيصلي ۾ چيو ته سيڪڊ امپلائيز ايڪٽ 2010ع آئين جي آرٽيڪل 25،18،9 ۽ 4 جي ابتڙ آهي تنهنڪري سيڪڊ امپلائيز ايڪٽ 2010ع جي آرٽيڪل 8 تحت ڪالعدم قرار ڏجي ٿو.

لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 184 ٿري ۽ آرٽيڪل 187 جو اختيار استعمال ڪري رهي آهي.

جسٽس منصور علي شاهه جو اختلافي نوٽ

جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته پارلياماني نظام حڪومت ۾ پارليامان سپريم آهي، جن تاريخن تي ملازمن کي ڪڍيو ويو انهيءَ تي بحال ڪيو وڃي ۽ سندن رهتون به ادا ڪيون وڃن.

جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته مضبوط جمهوري نظام ۾ پارليامان ئي سپريم هوندو آهي، پارليامينٽ کي هيٺانهون ڏيکارڻ جمهوريت کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي برابر آهي، ايڪٽ آف پارليامينٽ جي شق 4 آئين جي ابتڙ آهي، سيڪشن 4 ۽ سيڪشن 10 آئين سان ٽڪراءُ آهي جنهن جو جائرو وٺڻو آهي.

Read Previous

ملائيشيا ۾ ٻيڙي ٻڏي وئي، 18 ڄڻا فوت

Read Next

شهزاد اڪبر جي شهباز شريف تي ڇِتي تنقيد

Most Popular