سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرپخونخوا جي ضلعي باجوڙ ۽ اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين دوران دهشتگرد ڪمانڊر  غفور عرف جليل سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي عوامي رابطي واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگرد ڪمانڊر غفور عرف جليل مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر  جو چوڻ هو ته مارجي ويل ڪمانڊر غفور، مولوي فقير محمد جو ويجهو ساٿي هو ۽ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هو.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار به زخمي ٿي پيو.

ٻئي پاسي اتر وزير ستان جي علائقي بويا ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا.

Read Previous

ثانيا مرزا بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

صبا قمر ۽ زاهد احمد جي نئين فلم جو ٽيزر جاري

Most Popular