حڪومت زراعت کي وڏو نقصان پهچايو، ٻهراڙين ۾ وڌيڪ مهانگائي آهي: شهباز شريف

ن ليگ جي صدر  ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ هارين ۽ زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ٻهراڙين ۾ شهرن کان وڌيڪ مهانگائي آهي، آبادگارن جي آمدني ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهران گهرائي پئي وڃي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان زمين کي آباد ڪندڙن جو ملڪ آهي، هن جي ترقي زراعت جي ترقي سان واڳيل آهي، پاڪستان کي سائي انقلاب جي ضرورت آهي، هاري خوشحال ٿيندو ته ملڪ خوشحال ٿيندو.

هن چيو ته ن ليگ هارين ۽ زراعت جي ترقي جي لاءِ مثال قائم ڪيا، هارين کي اربين رپين جو پيڪيج ۽ بنا وياج جي قرض ڏنا، فصلن کان منڊين تائين روڊن جا ڄار ڄار وڇايا.

Read Previous

صبا قمر ۽ زاهد احمد جي نئين فلم جو ٽيزر جاري

Read Next

واٽس ايپ ۾ اهم ميسيج محفوظ ڪرڻ جو طريقو

Most Popular