واٽس ايپ ۾ اهم ميسيج محفوظ ڪرڻ جو طريقو

جيڪڏهن اوهان ڪڏهن ڪڏهن واٽس ايپ جا اهم ميسيج گم ٿي وڃڻ سبب پريشان ٿي ويندا آهيو ته هي آپشن اوهان لاءِ آهي.

اهو آپشن اوهان کي فيملي ميمبرن  يا دوستن طرفان موڪليل ايڊريس، پاسورڊز يا ٻي ضروري ڄاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ آهي. ان آپشن جو نالو starred messages آهي.

ڪنهن به ضروري ميسيج کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اوهان گھربل چيٽ کوليو ۽ ان مان گھربل ميسيج کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي آڱر کي دٻائي رکو. ٿوري دير ۾ مٿي اسٽار جو نشان نظر ايندو. ان تي اوهان جيئن ئي ڪلڪ ڪندئو ته اوهان جو ميسيج محفوظ ٿي ويندو.

محفوظ ٿيل ميسيج کي ڏسڻ لاءِ واٽس ايپ جي chats ۾ وڃو. مٿي سڄي هٿ تي 3 نقطن واري آپشن کي دٻايو. هڪ drop down menu کلي ويندو. ان ۾ starred messages  تي ڪلڪ ڪريو ۽ پنهنجي محفوظ ڪيل ميسيجز کي ڏسو.

Read Previous

حڪومت زراعت کي وڏو نقصان پهچايو، ٻهراڙين ۾ وڌيڪ مهانگائي آهي: شهباز شريف

Read Next

جيڪب آباد جمس اسپتال ۾ بدانتظامي، ڊائريڪٽر جي غيرقانوني مقرري ۽ جمس ۾ ڪرپشن خلاف شھري اتحاد

Most Popular