فلپائن ۾ سامونڊي طوفان 80 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

) فلپائن ۾ آيل سامونڊي طوفان سبب 80 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

فلپائن جي ڏکڻ ۽ وچين علائقن ۾ آيل سامونڊي طوفان سبب 80 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

اختيارين موجب تباهه ٿيل ٻيٽن تائين پيئڻ جو  پاڻي ۽ خوراڪ پهچائڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. سامونڊي طوفان راءِ ٻيٽن تي ٻڌل هن ملڪ جي ڏکڻ ۽ وچين علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گھر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.

 طوفان سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ مواصلات ۽ رابطي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.خيراتي ادارن عالمي برادري کان عطين جي اپيل ڪئي آهي. فلپائن ۾ هر سال تقريبن ويهه وڏا سامونڊي طوفان ايندا آهن.

Read Previous

ياسر شاهه خلاف ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ، زيادتي ۾ مدد جي الزامن تحت ڪيس داخل

Read Next

خيبر پختونخواهه مڪاني چونڊون: تحريڪ انصاف کي ڪيترين ئي جاين تي اپ سيٽ شڪست

Most Popular