ڍاڪا ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون شڪست کائي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون.
ايونٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ ڪوريا پاڪستان کي 5 جي ڀيٽ ۾ 6 گولن سان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
ڪوريا جي ڊريگ فلڪر چينگ هيٽ سميت مجموعي طور 4 گول ڪيا، جنهن عيوض کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پاڪستان طرفان مبشر علي 2، جڏهن ته عمر ڀٽا، افراز ۽ جنيد منظور هڪ هڪ گول ڪيو.
هوڏانهن جاپان جي ٽيم ڀارت کي 3 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽين پوزيشن لاءِ سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.