اسرائيل قاسم سليماني جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو

اسرائيل جي اڳوڻي ملٽري انٽيليجنس چيف ميجر جنرل تامير هيمان اعتراف ڪيو آهي ته ايران جي قدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي قتل ۾ اسرائيل ملوث هو.

آمريڪا 3 جنوري 2020 تي عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ايراني قدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي گاڏي کي نشانو بڻايو هو، جنهن ۾ جنرل قاسم ساٿين سميت مارجي ويو هو.

قاسم سليماني جي قتل ۾ اسرائيلي انٽيليجنس جي ملوث هجڻ جي خبر حملي جي هڪ هفتي بعد  آمريڪي ميڊيا ڏني، جڏهن ته حملي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن سرڪاري عهديدار جنرل قاسم سليماني جي قتل ۾ اسرائيل جي ملوث هجڻ بابت ٻڌايو آهي.

ڪجهه وقت اڳ ڏنل انٽرويو ۾ اسرائيل جي اڳوڻي ملٽري انٽيليجنس چيف ميجر جنرل تامير هيمان چيو ته جنرل سليماني جو قتل منهنجي دور ۾ وڏي ڪاميابين مان هڪ ڪاميابي هو.

واضح رهي ته هلندڙ سال قاسم سليماني جي پهرين ورسي جي موقعي تي ايران ۽ اسرائيل هڪ ٻئي خلاف ڌمڪين وارا بيان جاري ڪيا هئا.

Read Previous

قوتن هٿ هٽايو ته انهن جو حشر سڀني ڏسي ڇڏيو: فضل الرحمان

Read Next

ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وري آمهون سامهون

Most Popular