هاڻ يوٽيوب شارٽس ذريعي پاڪستاني به پئسا ڪمائي سگھندا

ڪجهه مهينا اڳ يوٽيوب شارٽس وڊيوز ٺاهيندڙ تخليقڪارن لاءِ پنهنجي طرفان امدادي فنڊن جو اعلان ڪيو هو. ان وقت ان فهرست ۾ 30 ملڪ شامل هئا. پر هاڻ 70 ملڪن جي نئين فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت يوٽيوب انهن ملڪن جي تخليقڪارن ۾ 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم ورهائيندو.

هاڻ 70 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان ۾ به شامل آهي ۽ کان سواءِ شارٽس جي تجزياتي ٽول (اينالٽڪس) ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ مئي ۾ يوٽيوب چيو هو ته هو سال 2021ع ۽ 2020ع لاءِ خاص شارٽ وڊيوز ٺاهيندڙ يوٽيوبرز لاءِ ڏهه ڪروڙ ڊالر رکيا ويندا.

Read Previous

پونم پانڊي جي نئين لباس سوشل ميڊيا تي باهه ٻاري ڇڏي

Read Next

ڪنڌڪوٽ : ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس مقامي ھوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي

Most Popular