ڪنڌڪوٽ : ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس مقامي ھوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي

ڪشمور (رپوٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جي ميزباني ھيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس مقامي ھوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ جي يو آءِ، پي ٽي آءِ، ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، مجلس وحدت المسلمين، پاڪ سر زمين پارٽي، پيما، صرافا يونين، شھري اتحاد ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي انھي دوران ڳالھائيندي حافظ نصراللّٰه چنه، غلام مصطفي ميراڻيٰ، عبيد اللّٰه ميرالي، ڊاڪٽر میھر چند، ظريت بجاراڻي، مير فائق علي خان جکراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، سجاد بروھي، بشير ميراڻي، مير مشاق خان بنگوار، ڊاڪٽر حضوربخش سومرو، معشوق خان سھرياڻي، اشوڪ ڪمار، شاھنواز مرھيٽو ۽ ٻين چيو ته اسان جي شھر ۾ انتظاميا جي سستي جي ڪري ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري واپاري طبقو ملي ڀڳت ڪري زميندارن ھارين کي بليڪ تي وڪرو ڪري ڏين ٿا ھي اسان جو علائقو زرعي آهي جنهن ڪري زراعت کي نقصان سان سڄي ضلعي جو معاشي نقصان آهي جنهن ڪري اسين انھي معاملي تي گڏجي ڪري تحريڪ ھلايون جيئن انھي معاملي جو ڪو حل نڪري سگهي اڳواڻن جي مشورن بعد طئي ڪيو ويو ته 24 ڊسمبر ۽ 28 ڊسمبر تي ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڌرڻا لڳايا ويندا جنهن ۾ انتظاميا ۽ واپارين معاملي جو ڪو حل نه ڪيو ته ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي ڪيمپ لڳائي ويندي

Read Previous

هاڻ يوٽيوب شارٽس ذريعي پاڪستاني به پئسا ڪمائي سگھندا

Read Next

عائزا، ماهرا ۽ سجل خوبصورت ترين چهرن جي فهرست ۾ نامزد

Most Popular