اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄڪلهه وري سرگرم ٿي ويو آهي ۽ هن وفاقي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري اڄڪلهه مختلف شهرن جا دورا ڪري رهيو آهي، هن نواب شاهه کانپوءِ ٽنڊي الهيار جو رُخ ڪيو، جتي ڪارڪنن سان خطاب ۾ وفاقي حڪومت خلاف پاڻ ميدان ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽنڊي الهيار ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي آصف زرداري چيو وقت اچي ويو آهي ته وفاق ۾ ويهي حڪومت جو مقابلو ڪيون، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ويهي مخالفن جو مقابلو ڪندس، لاهور ۾ خيما لڳائي احتجاج ڪنداسين.
هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ اسان جي وچ ۾ ڪجهه مسئلا آهن ۽ اهي مسئلا هلندا رهندا، اڄ منهنجي لاءِ ڏکيو وقت آهي، ننڍپڻ جو دوست وڇڙِي ويو، لاهور ۾ خيما هڻي احتجاج ڪرڻ وڃي رهيو آهيان، پ پ سدائين عوامي ڪم ڪيا، بلاول ۽ آصفا جي قيادت ۾ عوام جي خدمت ڪنداسين.