حڪمرانن جي ڳچي پڪڙڻ جو وقت اچي ويو آهي: شهباز شريف عوام کي تيار ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪمرانن جي ڳچي پڪڙڻ جو وقت اچي ويو آهي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب دوران شهباز شريف حڪومت کي ڪيرائڻ جو سڏ ڏيندي چيو ته عوام تيار رهي، جيڪڏهن هن حڪومت مان تڪڙي جند آجي نه ڪرائي وئي ته پاڪستان جو الله ئي حافظ آهي.

هن چيو ته حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آهي، هنن کي ڳڻتي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئون تڪڙ ۾ ڳالهيون ڪري ويندو آهيان ته دوست مذاق اڏائيندا آهن، مون ڪنهن وقت ۾ چيو هو ته لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي ته منهنجو نالو مٽائي ڇڏجو.

ن ليگ صدر چيو ته جڏهن مون حڪومت سنڀالي ته 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، نواز شريف عوام سان واعدو ڪيو هو ته اونداهيون ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، منهنجي ڳالهه ڇڏيو آئون ته آهيان ئي تڪڙ وارو ماڻهو آئون سدائين تڪڙ ۾ ڳالهائي ويندو آهيان، ان کانپوءِ ڇا ٿيو ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون، خبر ناهي ماڻهن ڇا ڇا چيو، ايتري تائين ڳالهه وئي ته نالو مٽائي ڇڏيو، سياست اصل ۾ عوام جي خدمت جو نالو آهي، سياست ماڻهن جون تڪليفون ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جو نالو آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو، پي ڪي ايل آءِ ۾ دنيا کان ڊاڪٽر وٺي آياسين، عمران نيازي جي سرڪار اسپتالن جو به جنازو ڪڍي ڇڏيو، 50 لک گهر ته پري جي ڳالهه آهن هڪ سر به نه رکي وئي.

شهباز شريف چيو عمران نيازي کي ان ڳالهه جي پريشاني ناهي ته هتي غريبن جو علاج ٿئي، عمران نيازي کي ان ڳالهه جي تڪليف هئي ته منصوبو ن ليگ ٺاهيو آهي، اسان ۽ اوهان جا هٿ هوندا ۽ حڪمرانن جي ڳچي هوندي، تختيون لڳائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، هاڻي تختو اونڌو ٿيندو.

Read Previous

ٿورو پاڻ سنڀاليون ته وري ڊالر مٿي چڙهي ويندو آهي: وزيراعظم مجبوري ٻڌائي ڇڏي

Read Next

وفاقي حڪومت لاءِ پريشاني، آصف زرداري جو وڏو اعلان

Most Popular