عامر خان، فاطمه ثنا شيخ سان ڳجهي شادي ڪري ڇڏي؟

بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان جي حوالي خان خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هن ساٿي اداڪارا فاطمه ثنا شيخ سان ڳجهي نموني نڪاح ڪري ورتو آهي.

گذريل مهيني ڀارتي ميڊيا ۾ خبرن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته عامر خان، فاطمه ثنا سان ٽين شادي ڪندو ۽ ان جو باضابطا اعلان پنهنجي نئين فلم ”لال سنگهه چڍا“ جي رليز کانپوءِ ڪندو، جيڪا اپريل 2022 ۾ رليز ٿيندي.

پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ان حوالي سان خبرون سامهون آيون آهن ۽ اهي خبرون ان وقت اچڻ شروع ٿيون، جڏهن سوشل ميڊيا تي عامر خان ۽ فاطمه ثنا جون ايڊٽ ٿيل تصويرون وائرل ٿيون.

تصويرن ۾ واهپيدارن دعويٰ ڪئي ته اهي عامر خان جي نڪاح جي تقريب جون تصويرون آهن، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

اهي تصويرون حقيقت ۾ عامر خان پنهنجي اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو سان گڏ ڪڍرايون هيون، جن کي فوٽو شاپ ذريعي ايڊٽ ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته فاطمه ثنا فلم ”دنگل“ ۾ عامر خان جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو.

هوڏانهن عامر خان ۽ فاطمه ثنا طرفان اهڙين خبرن تي ڪنهن به قسم جو ردعمل سامهون ناهي آيو.

Read Previous

شاداب خان به بگ بيش ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو

Read Next

آصف زرداري ڀٽو کي ڇڏي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٺاهي: حريم شاهه

Most Popular