آصف زرداري ڀٽو کي ڇڏي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٺاهي: حريم شاهه

ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي صلاح ڏني آهي ته هو مرحوم ”ڀٽو“ کي ڇڏي پنهنجي ڌار سڃاڻپ ٺاهي.

حريم شاهه هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته کيس ياد ناهي ته سندس پهرين ڪهڙي ويڊيو هئي جيڪا وائرل ٿي، جڏهن ته هن جون هزارين ويڊيوز وائرل ٿيون، جن کي تمام گهڻي مشهوري ملي.

هن ان ڳالهه تي فخر ڪيو ته هن پاڪستان ۾ ٽيلي ويزن اسڪرين تي ٽڪ ٽاڪ کي متعارف ڪرايو ۽ اڄ ميڊيا ۾ ڄاڻايل ايپ بابت جيڪي به ڳالهيون ٿينديون آهن، اهي هن جي ڪري ئي آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ حريم شاهه چيو ”ٽڪ ٽاڪ“ ۾ ڪا به خرابي ناهي، ان کي استعمال ڪندڙ ماڻهو ئي مسئلي جو ڪارڻ آهن، اڻ پڙهيل ماڻهو ان تي جهالت ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو تعليم کي پکيڙي رهيا آهن.

هن ماهرا خان، صبا قمر ۽ سجل علي کي پنهنجون پسنديده اداڪارائون قرار ڏيندي چيو ته هاڻي هوءَ پاڻ ئي ايتري مشهور ٿي چڪي آهي جو کيس ڪنهن اداڪار يا وري اداڪارا سان گڏ تصوير  ٺاهڻ جي خواهش ناهي رهي.

ٽڪ ٽاڪ اسٽار جو چوڻ هو ته هوءَ شوبز مان ڪجهه نٿي وٺڻ چاهي پر شوبز کي پوري حياتي ڏئي سگهي ٿي ۽ هوءَ پنهنجي ٻارڙن کي هر شئي ڏيندي، موبائل فون کان به محروم نه رکندي.

پروگرام جي هڪ سيگمنٽ دوران هن شاهه محمود قريشي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ رشيد کي به پسنديده سياستدان قرار ڏنو.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ حريم شاهه، بلاول ڀٽو زرداري کي ڪا به صلاح نه ڏني ۽ چيو ته هو سندس پسنديده سياستدان آهي، کيس ڪئين ٿي صلاح ڏئي سگهي؟

هن مريم نواز جي دليري جي واکاڻ ڪئي ۽ هن کي صلاح ڏني ته کيس ان ريت ئي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ هوءَ هڪ عورت هوندي سياست جي وڏي مقام تي پهچي وئي آهي.

حريم شاهه فردوس عاشق اعواڻ کي وزن گهٽ ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ فواد چوڌري کي تجويز ڏني ته هو جڏهن به ڪجهه ڳالهائي ته ان کان اڳ ٿورو سوچي وٺي.

هن فواد چوڌري جي نالي چيو ته هن پنهنجي ئي سائنس ٺاهي رکي آهي ۽ هو ڪجهه به ڳالهائي ڇڏيندو آهي.

ٽڪ ٽاڪ اسٽار آصف علي زرداري کي صلاح ڏيندي چيو ته ”ڪالهه به ڀٽو زنده  هو، اڄ به ڀٽو زنده آهي“ جي نعري کي ڇڏي هو پاڻ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ۽ ڀٽو جهڙو ٿي ڏيکاري.

حريم شاهه چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو بهادر ماڻهو هو پر هو هن دنيا ۾ نه رهيو، هن جي دليري جي واکاڻ عوام ڪري ٿو پر آصف علي زرداري کي هن جي دليري کي وڃائي پاڻ کي اڳتي نه ڪرڻ گهرجي.

Read Previous

عامر خان، فاطمه ثنا شيخ سان ڳجهي شادي ڪري ڇڏي؟

Read Next

سلطانپور ويجهو ڳوٺ برٿ سمائر جي رهواسين پاران ڳوٺ جي مقامي بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular