انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي هارائڻ تي رميز راجا جون قومي ٽيم کي واڌايون

انڊر 19 ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا قومي ٽيم کي واڌايون ڏنيون آهن.

هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نوجوانو اوهان شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، ڀارت کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان انڊر 19 ٽيم  پنهنجي اعصابن کي ڪنٽرول ۾ رکيو.

واضح رهي ته انڊر 19 ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت کي سخت مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏني ۽ قومي ٽيم ان فتح سان ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي.

Read Previous

عالمي برادري وڏن المين کي نظر انداز ڪري رهي آهي: پوپ فرانسس

Read Next

ڪراچي جي ٽريفڪ عاطف اسلم کي موٽر سائيڪل جي سوريءَ تي مجبور ڪري ڇڏيو

Most Popular