عالمي برادري وڏن المين کي نظر انداز ڪري رهي آهي: پوپ فرانسس

ڪرسمس جي موقعي تي ويٽيڪن سٽي ۾ خاص تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪيٿولڪ عيسائن جي مذهبي پيشوا پوپ فرانسسس خطاب ڪيو.

پوپ فرانسس پنهنجي خطاب ۾ غريبن سان ايڪتا جي اظهار تي زور ڏنو، هن شام، يمن، عراق، آفريقا، يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جاري انساني بحران جي نشاندهي ڪندي چيو ته عالمي برادري وڏن المين کي نظر انداز ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا جي وبا سبب عالمي سطح تي تڪرار حل ڪرڻ جون ڪوششون به متاثر ٿيون آهن.

ان کانسواءِ عيسائن جي مذهبي تعليم تحت حضرت عيسيٰ جي پيدائش واري هنڌ بيت اللحم ۾ به ڪرسمس جي مک تقريب ڪوٺائي وئي.

ڪورونا جي وبا سبب تقريب ۾ ماڻهن جو انگ معمول کان تمام گهٽ رهيو، آمريڪا ۾ اومي ڪرون ويرينٽ جي پکيڙ واري خدشي سبب واشنگٽن، نيويارڪ ۽ هوسٽن ۾ ڪرسمس جي تقريبن کي آن لائن ڪيو ويو.

Read Previous

لاهور: هلندڙ سال جنسي زيادتي جا 747 واقعا ٿيا

Read Next

انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي هارائڻ تي رميز راجا جون قومي ٽيم کي واڌايون

Most Popular