پاڪستان نوازشريف جو پنهنجو ملڪ آهي، کيس اچڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي: رحمان ملڪ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف کي ملڪ اچڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي.
اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي شهادت بابت لکيل ڪتاب(محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت) جي رونمائي واري تقريب کي خطاب دوران رحمان ملڪ چيو ته حڪومتي وزيرن جي بيانن مان ائين لڳي رهيو آهي ته هي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن. بيانن مان لڳي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان نوازشريف جو پنهنجو ملڪ آهي کيس ڪوبه پاڪستان اچڻ کان نٿو روڪي سگهي، اهو وقت ٻڌائيندو ته ميان صاحب جي اچڻ سان حڪومت رهندي يا ويندي؟ ڏسڻو اهو آهي ته ان جي اچڻ جو طريقيڪار ڇا هوندو. اڳوڻي گهرو وزير موجب اهو صرف ميان صاحب ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هو پاڪستان ڪنهن جي لاءِ، ڇو اچي رهيو آهي ۽ آخر هي پاڪستان اچي ڇا ڪندو.
ڳالهين دوران رحمان ملڪ وڌيڪ چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جڏهن به متحرڪ ٿيندو آهي ته هو سياسي چالون سوچي سمجهي هلندو آهي ۽ مخالف کي شڪست ڏيندو آهي. هن وقت اهو نظر اچي رهيو آهي ته آصف زرداري صحيح سياسي چال هلندو.

Read Previous

شادي کانپوءِ ڪترينا ڪيف جي ڪم تي واپسي

Read Next

اومي ڪرون: ڪرڪيٽ آسٽريليا جو پاڪستان دوري بابت وڏو بيان

Most Popular