اومي ڪرون: ڪرڪيٽ آسٽريليا جو پاڪستان دوري بابت وڏو بيان

Pakistan’s Sharjeel Khan (L) and Ahmed Shehzad run between the wickets during the World T20 cricket tournament match between India and Pakistan at the Eden Gardens cricket stadium in Kolkata on March 19, 2016. / AFP / Prakash SINGH (Photo credit should read PRAKASH SINGH/AFP via Getty Images)

ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هاڪلي چيو آهي ته اومي ڪرون سبب صورتحال ڏکي آهي پر ان باوجود پاڪستان جو دورو شيڊيول موجب ڪنداسين.

ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هاڪلي پاڪستان دوري بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته آسٽريلوي اختياريون تازو صورتحال جو جائزو وٺڻ پاڪستان ويون هيون، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان مڪمل رابطي ۾ آهيون.

هن چيو ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جي تصديق باوجود آسٽريليا جو دورو شيڊيول موجب ٿيندو، اومي ڪرون سبب صورتحال ڏکي آهي پر پاڪستان دوري لاءِ پرعزم آهيون، جيستائين حالتون بهتر آهن آسٽريليا پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم ايندڙ سال مارچ ۾ 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ايندي، ٻنهي ٽيمن ۾ 3 ٽيسٽ ميچون، 3 ون ڊي ميچون ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي.

Read Previous

پاڪستان نوازشريف جو پنهنجو ملڪ آهي، کيس اچڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي: رحمان ملڪ

Read Next

افغانستان ۾ حجاب ۽ مرد بنا عورت جي سفر تي پابندي

Most Popular