سپريم ڪورٽ جو طارق روڊ مدينه مسجد جي جاءِ تي هڪ هفتي ۾ پارڪ بحال ڪرڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ طارق روڊ مدينه جي جاءِ تي هڪ هفتي ۾ پارڪ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ طارق روڊ ڀرسان مدينه مسجد جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.

چيف جسٽس مرتضيٰ وهاب کان پڇاڻو ڪيو ته توهان غير قانوني مسجد خلاف ڪارروائي ڇو نٿا ڪيو؟ ان تي مرتضيٰ وهاب جواب ڏنو ته عدالت حڪم ڏئي ته ڪارروائي ڪنداسين.

جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان ماڻهن کي ڏسي حيراني ٿيندي آهي، توهان جو ڪم آهي ۽ اسان جي حڪم جو انتظار ڪندا آهيو.

جسٽس قاضي امين چيو ته اهي عبادتگاهون نه اقامت گاهون آهن، نه بجلي جو بل نه ڪو ٻيو بل، اهو ته اسان جي سامهون اچي ويو آهي، ڪراچي ۾ ڪيترين ئي جاين تي غير قانوني اڏاتون ڪيون ويون ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي.

ٻڌڻي دوران عدالت طارق روڊ جون درست حدون خبر نه هجڻ تي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي ايم سي ايسٽ جي ڇنڊ به پٽي.

چيف جسٽس چيو ته توهان آفيسن ۾ ويهڻ ايندا آهيو، چانهه پيئو، ڪچهري ڪيو ۽ گهر وڃو، توهان وٽ ڪو ڪم ناهي، ڪير ڪرائي رهيو آهي سڀ ڪجهه؟ هن شهر سان توهان ڇا ڪيو آهي، وڏو نقصان پهچايو ويو آهي، ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڌماڪو ڪرڻو پوندو، ٻيهر ٺهندو هي شهر، جيئن جرمني ٺهيو، جاپان ٺهيو، پولينڊ ٺهيو، ائين ٺاهڻو پوندو، جتي 4 ماڻهن جو گهر هو اتي چاليهه گهراڻا رهي رهيا آهن، رڳو پئسو ئي ٺاهڻ جو ڪم ڪرڻو آهي؟ رڳو پئسو ٺاهڻ ۾ لڳل آهيو.

جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو ته پي اي سي ايڇ ايس کان نارٿ ناظم آباد تائين هڪ ئي حال آهي، ٻه ٻه سئو گزن تي اٺ ماڙ جون عمارتون ٺاهيون ويون، زلزلو آيو ته سڀ ختم ٿي ويندو، ڪروڙين ماڻهو مري ويندا، جيڪڏهن ته بچي ويا ته توهان تي خون هوندو ماڻهن هوندو، توهان کي ماڻهن جي ڪهڙي پرواهه، سوچيان ٿو مان ته هليو ويندس رٽائرڊ ٿي، ٻاهر وڃي لائف انجواءِ ڪندس جيئن سڀ ڪندا آهن، ٽپڙ ويڙهي هليو ويندس، جيئن ٻيا هليا ويندا آهن.

Read Previous

”وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائز ٿي ويندي آهي، ڪنهن غريب جي جُهڳي ڪيرائڻ نه ڏينداسين“

Read Next

وفاقي ڪابينا ناظم جوکيو قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular