وفاقي ڪابينا ناظم جوکيو قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا ناظم جوکيو قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ناظم جوکئي جي قاتلن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون پر ڪابينا ناظم جوکئي جي قتل جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جي منظوري ڏني آهي.

هن چيو ته ڪابينا پهرين قومي سلامتي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قومي سلامتي پاليسي عام ماڻهو جي زندگي سان سلهاڙيل آهي ۽ ان سان عام ماڻهو جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، گڏوگڏ قومي سلامتي پاليسي معاشي صورتحال سان به جڙيل آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪابينا کي يوريا جي پيداوار تي بريفنگ ڏني وئي، سٺي پيداوار سان هارين کي 1100 ارب رپيا واڌو آمدني ٿي، زراعت جي شعبي تي حڪومت ڌيان ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ڀاڻ جو بحران پيدا ٿيو آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڊي اي پي جي قيمت 12 هزار رپيا آهي پر يوريا ڀاڻ ملڪ ۾ ٺهي رهيو آهي ۽ وڏي پيداوار حاصل ڪئي، حڪومت وٽ يوريا جو اسٽاڪ به موجود آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ جو طارق روڊ مدينه مسجد جي جاءِ تي هڪ هفتي ۾ پارڪ بحال ڪرڻ جو حڪم

Read Next

راڻا شميم نوازشريف جي سامهون حلفي بيان ٺهرايو: شهباز گل

Most Popular