ڪي اليڪٽرڪ جو عوام کي بجلي جو جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون

ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي-اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 ماهي ۾ ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 80 مهانگي جڏهن ته نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 75 پيسا في يونٽ سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته 23 ڊسمبر تي ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سان فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز تحت بجلي جي نرخن ۾ 5 رپيا 50 پيسا واڌ ڪرڻ جي اجازت گھري هئي.

ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ کان سيپٽمبر لاءِ 5 رپيا 18 پيسا ۽ نومبر لاءِ 32 پيسا واڌ جي درخواست ڏني هئي.

جنهن تي ٻڌڻي ڪندي نيپرا اڄ ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ جاري ڪيو ويندو.

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ طرفان هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 ماهي ۽ نومبر 2021ع جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گڏيل طور تي بجلي 5 رپيا 50 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي ٻن مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ڪي اليڪٽرڪ 3 ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 18 پيسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي پر نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته ان مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 80 پيسا في يونٽ اضافو بڻجي ٿو.

اهڙيءَ طرح ڪي اليڪٽرڪ نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 32 پيسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي پر نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته نومبر جي ايڊجسٽمينٽ ۾ ڪراچي وارن لاءِ بجلي 75 پيسا في يونٽ سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ اختيارين ٻڌايو ته وفاق کان بجلي جي خريداري جي حوالي سان ٽن معاهدن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني کان 2 هزار 50 ميگا واٽ بجلي خريداري جو معاهدو ڪيو پيو وڃي ۽ ٽيرف ڊيفرنشيئل سبسڊي جي حوالي سان مسودو ناڻي واري وزارت کي موڪليو ويو آهي.

Read Previous

آچر 02 جنوري 2022ع

Read Next

معيشت تباهه حال ملي جنهن کي هاڻ بهتر ڪيو ويو آهي: وزيراعظم عمران خان

Most Popular