معيشت تباهه حال ملي جنهن کي هاڻ بهتر ڪيو ويو آهي: وزيراعظم عمران خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جي اجلاس ۾ معيشت جي صورتحال تي اطمينا جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هڪ نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهايو ويو.

ذريعن موجب ناڻي واري وزير شوڪت ترين اجلاس کي مهانگائي ۽ معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته نومبر جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر ۾ مهانگائي ۾ گھٽتائي ٿي آهي ۽ ايندڙ مهيني مهانگائي وڌيڪ گھٽبي.

شوڪت ترين ٻڌايو ته عالمي سطح تي شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ٿي رهي آهي.

وزيراعظم اجلاس ۾ معيشت جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معيشت جي صورتحال بهتر آهي.

وزيراعظم هدايت ڪئي ته معيشت جا انگ اکر عوام آڏو رکيا وڃن.

عمران خان چيو ته اسان کي معيشت تباهه حال ملي جنهن کي گھڻي حد تائين بهتر ڪيو ويو آهي، اپوزيشن کي ڪنهن به صورت ۾ اثرانداز نه ٿيڻ ڏيو، عوام حقيقتون ٻڌايو.

وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان چوندا آهيو ته معيشت بهتر ۽ اپوزيشن حڪومت تي تنقيد ڪندي آهي؟

وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام کي ايندڙ مهيني مهانگائي ۾ گھٽتائي بابت به ٻڌايو، اسان جي معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي تسلي جوڳي آهي.

سندس چوڻ هو ته اوهان جي برانڊ وزيراعظم آهي جيڪو چور نه آهي، اپوزيشن پنهنجي چورن، ڌاڙيلن ۽ ڪرپٽ اڳواڻن کي تحفظ ڏيندي آهي.

عمران خان چيو ته اپوزيشن کي ڪنهن به صورت ۾ حاوي نه ٿيڻ ڏيو، کين آئينو ڏيکاريو، اوهان جو ليڊر اپوزيشن جي ليڊرن جهڙو نه آهي.

Read Previous

ڪي اليڪٽرڪ جو عوام کي بجلي جو جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون

Read Next

ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق، سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

Most Popular