راکي ساونت جي بيان سڀني کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون

تڪراري بيانن جي ڪري سدائين خبرن ۾ رهندڙ ڀارتي اداڪارا راکي ساونت هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو بيان ڏنو آهي، جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 15 ۾ ميزبان سلمان خان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي راکي ساونت چيو ته هوءَ شو جي چڄاڻي تي پنهنجي مڙس رتيش کي  راکي ٻڌندي.

معاملو ڪجهه اهڙي ريت ٿيو جو شو جي خاص قسط ۾ جنت زبير مهمان طور شريڪ ٿي ۽ اُن راکي ساونت جي واکاڻ ڪئي.

ان دوران سلمان خان مايوس چهرو ڪري چيو ته ڏسو دنيا اوهان جي تعريف ڪري ٿي، صرف هو تنهنجو هتيش! ڇا نالو آهي رتيش؟

پوءِ راکي ساونت به اهڙي شڪل ٺاهيندي چيو ته سر آئون هن ڀيري وڃي هن کي راکي ٻڌنديس.

واضح رهي ته هندو مذهب ۾ راکي هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي ٻانهن تي ٻڌندي آهي، جيڪا ان جي علامت  آهي ته  هو هر مشڪل وقت ۾ ڀيڻ جي مدد ڪندو.

جڏهن سلمان خان راکي کان 2022 جي رٿابندي بابت پُڇا ڪئي ته هُن چيو ته سڀ کان پهريان شو کٽي ٻاهر ويندي ۽ تمام گهڻا  منصوبا آهن، امڙ سان ملندي، مڙس سان معاملا درست ڪرڻا آهن ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي 2022 ۾ .

واضح رهي ته راکي ساونت بگ باس 2015 جي سيزن ۾ رتيش نالي شخص جي پنهنجي مڙس طور سڃاڻپ ڪرائي هئي ۽ شو دوران رتيش اڪثر ڪري راکي سان بدتميزي سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو هو.

سلمان خان هڪ موقعي تي رتيش کي ٽوڪيندي چيو ته وڏا ۽ طاقتور مرد به زال سان ائين ناهن ڳالهائيندا، توهان ۾ ڪا تميز آهي؟

سلمان خان راکي کان به پڇيو ته تون هن کي ايترو برداشت ڇو ڪندي آهين؟ گڏوگڏ هن رتيش کي چيو  ته راکي جي ڪري ئي ماڻهو توکي سڃاڻن ٿا، اهڙو ئي رويو رهيو ته نتيجو سٺو نه هوندو.

Read Previous

محمد حسنين بگ بيش ليگ جي پهرين ئي ميچ ۾ پنهنجي هاڪَ ويهاري ڇڏي

Read Next

نئون سال ايندي ئي ٽيليگرام ۾ بهترين فيچر شامل

Most Popular