نئون سال ايندي ئي ٽيليگرام ۾ بهترين فيچر شامل

واٽس ايپ جي متبادل طور تي استعمال ٿيندڙ ايپ ٽيليگرام ميسيج ترجمو ڪرڻ جو سڀ کان انوکو فيچر متعارف ڪرايو آهي.

ٽيليگرام نئين سال جي شروعات ۾ پنهنجي واهپيدارن لاءِ گڏيل طور تي 4 فيچرز متعارف ڪرايا جن ۾ ميسيج جو ترجمو ڪندڙ سهولت سڀ کان انوکي آهي.

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدار کي سيٽنگز ۾ وڃي ليگوئيج جي آپشن ۾ پنهنجي پسنديده ٻولي جي چونڊ ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ هو پيغام پڙهڻ چاهي ٿو.

ٽرانسليشن فيچر في الحال اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ ان کي آءِ او ايس 15 پلس ورجن لاءِ به پيش ڪيو ويندو.

فيچر ان ايبل ڪرڻ کان پوءِ واهپيدار جڏهن ڪنهن پيغام کي ڪلڪ ڪندو ته اتي ٽرانسليشن جو آپشن اچي ويندو، جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ ترجمي کي سولائي سان پڙهي سگھبو.

ان کان اڳ واهپيدار ڪنهن به پيغام جو ترجمو ڪرڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ايپس يا وري گوگل جو خدمتون حاصل ڪندو هو.

ان کانسواءِ ٽيليگرام ميسيج ري ايڪشن، ٿيم ڪيو آر ڪوڊ ۽ ٽيڪسٽ لِڪائڻ جي سهولت به متعارف ڪرائي آهي.

Read Previous

راکي ساونت جي بيان سڀني کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون

Read Next

قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ نگر چانڊيو جي رھواسڻ نزيران خاصخيلي علي شيرخاصخيلي جي گهر واري مبينا الزام ھڻندي

Most Popular