صوبائي وزير سنڌ ورڪس اينڊ سروسز سيد ضياء عباس شاه رضوی پاران اڄ سانگهڙ ضلعي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو

سانگهڙ(ڊر ) صوبائي وزير سنڌ ورڪس اينڊ سروسز سيد ضياء عباس شاه رضوی پاران اڄ سانگهڙ ضلعي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ۽ سانگهڙ شهر ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کان ٽريفنگ چوڪ تائين تعمير ٿيندڙ روڊ جو افتتاح ڪيو. انهي بعد ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾صوبائي وزير کي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آفيسر پاران ضلعي ۾ جاري ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني بريفنگ دوران صوبائي وزير چيو ته تعمير ٿيندڙ روڊن ۽ بلڊنگز جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪبو ۽ ناقص ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي . انهي بعد ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سانگهڙ ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڃايو آهي سانگهڙ ضلعي جي مختلف روڊن کان علاوه ڪافي ترقياتي ڪم ڪيا ويا آهن سانگهڙ ضلعي جا مين روڊ سڀ تعمير ٿي ويا آهن ۽ لنڪ روڊن تي ڪم هلي رهيو آهي جلد اها پڻ مڪمل ڪيا ويندا ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي خدمت ته يقين رکي ٿي ۽ سياست کي عبادت سمجهي ٿي. انهي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جا مقامي چونڊيل نمائندا جنهن ۾ ايم پي اي شاهد ٿهيم، ايم پي اي فراز ڏيرو، ايم اين اي نويد حسين ڏيرو، سانگهڙ ضلعي جو صدر علي حسن هنڳورجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه پڻ موجود هئا.

Read Previous

قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ نگر چانڊيو جي رھواسڻ نزيران خاصخيلي علي شيرخاصخيلي جي گهر واري مبينا الزام ھڻندي

Read Next

ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر محترمہ شگفته جماڻي کي لسٽ موڪلي ويندي جنهن بعد عهدن جو اعلان ڪيو ويندو

Most Popular