ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر محترمہ شگفته جماڻي کي لسٽ موڪلي ويندي جنهن بعد عهدن جو اعلان ڪيو ويندو

مٽياري رپورٽر پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي مٽياري مان عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊيل ايم اين اي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر شگفتہ جماڻي جي هدايتن تي يوسي مٽياري ۽ يوسي بائوديرو ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي تنظيم سازي ڪئي وئي يوسي مٽياري ۽ يوسي بائوديرو ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ضلع مٽياري آسيہ سوهو ۽ مهرنساء ملاح جي رھنمائي ۾ يوسيز ليول تي عهدا منتخب ڪيا ويا ڊپٽي جنرل سيڪريٽري آسيه ڌڻي بخش سوهو ۽ مهرنساء ملاح ٻڌايو تہ عهدن جي منتخب ٿيڻ بعد ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر محترمہ شگفته جماڻي کي لسٽ موڪلي ويندي جنهن بعد عهدن جو اعلان ڪيو ويندو پيپلزپارٽي عورتن جي حقن لاء هميشه اڳيان اڳيان رهي آهي جنهن ۾ بي سهارا بي واه ۽ غريب عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاء بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن ۾ عورتن کي ٻي ڪنهن جي سهاري تي نہ ڇڏيو ويو آهي ۽ انشالله اڳيان بہ ڪافي عورتن جي ڀلائي روزگار وارا موقعا فراهم ڪيا ويندا ان موقعي تي شبانہ ڀنڀرو. خديجا پنهور. نوربانو مجيداڻو سميت ٻين ليڊيز ونگز جي اڳواڻ عورتن پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

صوبائي وزير سنڌ ورڪس اينڊ سروسز سيد ضياء عباس شاه رضوی پاران اڄ سانگهڙ ضلعي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو

Read Next

ڪورونا جي نئين لهر اچي وئي، ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي ڇرڪائيندڙ شرح

Most Popular