چورن کان صحافي به نه بچي سگهيو گهر کي ٻوهاري ويا۔ ٽي موٽرسائنڪليون سونا زيور ۽ روڪ رقم در کي ٽوڙي آسان ڪاهي فرار ٿي ويا

پڊعيدن پڊعيدن بدامني چوٽ چڙي وئي چورن کان صحافي به نه بچي سگهيو گهر کي ٻوهاري ويا۔ ٽي موٽرسائنڪليون سونا زيور ۽ روڪ رقم در کي ٽوڙي آسان ڪاهي فرار ٿي ويا۔ اين سي داخل۔ خبر موجب ۔پڊعيدن وارڊ نمبر 10 لقمان ڪالوني ۾ سينئر صحافي ساجد علي جويو جي گهر مان رات دير 3 موٽرسائنڪليون سونا زيور ۽ 85 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چور پونئي پاسي کان اچي ديوار جون سرون ڪڍي در ٽوڙي آساني سان ڪاهي فرار ٿي ويا۔ اطلاع ڏيڻ تي ايس ايڇ او محمد رفيق ٻوهيو نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي صحافي جي ٿيل ٿيل چوري جو معائنون ڪيو۔ ان موقع تي صحافين چوري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڪامران جويو مجيب الرحمن ڀريجو ساجد جويو ممتاز ابڙو، وقار احمد راڄپر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته صحافي کي حق ۽ سچ لکڻ جي سزا ملي آھي هنن وڌيڪ چيو ته 15 ڏينهن اڳ اوطاق مان چور پاڻي جو موٽر چوري ٿي ويا ھئا جيڪا پوليس آڃا تائين واپس نه ڪرائي آھي صحافين آء جي سنڌ ، ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ، ايس پي نوشھروفيروز ۽ ايس ايڇ او پڊعيدن کان مطالبو ڪيو ته صحافين کي تحفظ فراهم ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

نئين سال جو تحفو، سام سنگ جي بهترين فيچرز سان ليس ٽي وي متعارف

Read Next

ڪراچي جي موسم بلاول کي لاهور وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular