ڪراچي جي موسم بلاول کي لاهور وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي جي موسم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لاهور وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.

ذريعن موجب موسم جي خرابي سبب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي شهر کان لاهور لاءِ روانو نه ٿي سگهيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري هاڻ اربع ڏينهن لاهور پهچندو.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي بلاول هائوس ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سي اي سي اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي شرڪت جو به امڪان آهي.

Read Previous

چورن کان صحافي به نه بچي سگهيو گهر کي ٻوهاري ويا۔ ٽي موٽرسائنڪليون سونا زيور ۽ روڪ رقم در کي ٽوڙي آسان ڪاهي فرار ٿي ويا

Read Next

ن ليگ ۽ پ پ جي به فنڊنگ جي ڇنڊ ڇاڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيان: وزيراعظم

Most Popular